سنڌ حڪومت پاران "بايوچار” کي بينظير هاري ڪارڊ تحت رجسٽرڊ ساڍا ٽي لک هارين تائين متعارف ڪرائڻ تي غور شروع

ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ڪلراٺي زرعي زمينن جي بحاليءَ لاءِ فصلن جي باقيات، ڪاٺيءَ جي چپس ۽ مال جي ڇيڻي جهڙي نامياتي فضلي مان تيار ٿيندڙ ڪاربين سان ڀرپور "بايوچار" کي بينظير هاري ڪارڊ تحت رجسٽرڊ ساڍا ٽي لک هارين تائين متعارف ڪرائڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش …

ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ڪلراٺي زرعي زمينن جي بحاليءَ لاءِ فصلن جي باقيات، ڪاٺيءَ جي چپس ۽ مال جي ڇيڻي جهڙي نامياتي فضلي مان تيار ٿيندڙ ڪاربين سان ڀرپور "بايوچار” کي بينظير هاري ڪارڊ تحت رجسٽرڊ ساڍا ٽي لک هارين تائين متعارف ڪرائڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير آبپاشي ۽ رٿابندي ڄام خان شورو، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه،سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڊس بايوچار جي چيئرمين خرم ارشاد، چيف فائيننشل آفيسر شڪيل الياس ۽ مئنيجر آپريشنز عبدالوهاب عيساڻي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي ڪلراٺي ۽ متاثر زرعي زمينن جي بحالي، مٽيءَ جي صحت بهتر بڻائڻ ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ بايوچار ٽيڪنالوجي جي استعمال تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي بينظير هاري ڪارڊ پروگرام تحت رجسٽرڊ ساڍا ٽي لک هارين کي ان منصوبي سان ڳنڍي امڪانن جو پڻ جائزو ورتو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بايوچار هڪ پائيدار، ڪاربين سان ڀرپور ڪوئلي جهڙو مادو آهي، جيڪو فصلن جي باقيات، ڪاٺيءَ جي چپس ۽ مال جي ڇيڻي جهڙي نامياتي فضلي کي گھٽ آڪسيجن واري ماحول ۾ گرم ڪري تيار ڪيو ويندو آهي. ان عمل کي پائرولائسز چيو ويندو آهي. انڊس بايوچار جي چيئرمين خرم ارشاد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جڏهن بايوچار کي زرعي زمين ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ته اهو اسفنج وانگر ڪم ڪندو آهي، مٽيءَ ۾ پاڻيءَ کي وڌيڪ دير تائين محفوظ رکندو آهي، ڪاربين کي ذخيرو ڪندو آهي ۽ مٽيءَ جي زرخيزي وڌائي فصلن جي بهتر واڌ ويجهه ۾ مدد ڏيندو آهي. شرڪت ڪندڙن کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بايوچار مٽيءَ ۾ نامياتي مادي جي مقدار وڌائڻ، گهم کي وڌيڪ دير تائين برقرار رکڻ ۽ زمين جي زرخيزيءَ ۾ واڌ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. ان جي استعمال سان سخت گرمي، ڏڪار ۽ موسمياتي تبديليءَ جي ناڪاري اثرن کان فصلن جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪيميائي ڀاڻن تي ڀاڙڻ گھٽجڻ سان زرعي خرچن ۾ گھٽتائي ۽ مجموعي زرعي پيداوار ۾ واڌ پڻ ممڪن آهي.اجلاس دوران لينڊ آءِ ڪيو جي نمائندن پاڻيءَ جي بهتر انتظام، زمين هيٺ پاڻيءَ جي بحالي ۽ سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻيءَ جي داخلا روڪڻ بابت پنهنجي فني مهارت ۽ تجويزون پيش ڪيون، جڏهن ته انڊس بايوچار جي چيئرمين خرم ارشاد مٽيءَ جي بهتري، زمين هيٺ پاڻيءَ جي بحالي ۽ پائيدار زراعت سان لاڳاپيل مختلف فني سفارشون پيش ڪيون. سنڌ جي زرعي وزير سردار محمد بخش مهر انڊس بايوچار جي تجويزن کي ساراهيندي چيو ته حڪومت، خانگي شعبي ۽ ترقياتي ادارن جي گڏيل تعاون سان سنڌ جي زرعي شعبي کي جديد، پائيدار ۽ موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي وٺرائڻ، هارين جي آمدنيءَ ۾ واڌ ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ زرعي نظام وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ انڊس بايوچار جون تجويزون سنڌ ۾ پائيدار زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي بايوچار منصوبي، فني مشاورت، پاڻيءَ جي بهتر انتظام، زمين هيٺ پاڻيءَ جي بحالي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن سنڌ ۾ جديد، ماحول دوست ۽ پائيدار زرعي نظام کي هٿي وٺرائي سگهجي.

مزید خبریں