حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي زرعي سماج کي آگاهي ڏيڻ لاءِ آن لائين مذاڪرو ڪيو ويو. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي زرعي ماهر ۽ زرعي تحقيق جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالسلام مجيداڻي چيو ته زراعت جو شعبو نه رڳو کاڌ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر اهو انساني سماج ۽ ماحول تي به اثر وجهي ٿو. هاڻ تڪڙي ۽ گهڻي پيداور جي …
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي زرعي سماج کي آگاهي ڏيڻ لاءِ آن لائين مذاڪرو

مزید خبریں
حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي زرعي سماج کي آگاهي ڏيڻ لاءِ آن لائين مذاڪرو ڪيو ويو. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي زرعي ماهر ۽ زرعي تحقيق جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالسلام مجيداڻي چيو ته زراعت جو شعبو نه رڳو کاڌ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر اهو انساني سماج ۽ ماحول تي به اثر وجهي ٿو. هاڻ تڪڙي ۽ گهڻي پيداور جي لاءِ ڪاروباري ڪمپنين زراعت جي جنسن ۾ هائبرڊ ٻج متعارف ڪرايا آهن جنھن سان فصل جي پيداوار ته وڌي ٿي پر اهي ٻج صرف هڪ ڀيرو ئي استعمال ڪري سگهجن ٿا، ان ڪري روايتي ٻج ختم ٿي ويا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن مان هائبرڊ ٻج نه ملندا ته اسان وٽ انهن جو ڪو به متبادل ناهي. ان ڪري سنڌ سرڪار کي پنهنجا نامياتي ٻج محفوظ ڪرڻ لاءِ "سنڌ سيڊ بئنڪ” قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان وٽ زمين کي طاقت ڏيڻ بجاءِ ڪيميائي ڀاڻ وسيلي فصل جي ٻوٽي کي طاقتور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. فصل کي وقتي طاقت ڏيڻ لاءِ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهريليون دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون جيڪي زمين سان گڏ انساني صحت ۽ ماحول لاء پڻ نقصانڪار آهن. هن وڌيڪ چيو ته هتي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي ناڪاره بڻائي بند ڪيو ويو آهي ان جاءِ تي نجي ڪمپنين پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو آهي ۽ دڪاندار پنھنجي فائدي لاءِ بغير ڄاڻ جي آبادگار کي هر قسم جو زهر ڏئي ڇڏيندو آهي جنھن سبب اسان وٽ نج شيون ملڻ بند ٿي ويون آهن. ” آن لائين مذاڪري جي ميزباني ڪندي اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو ته سنڌ زرعي سماج رهيو آهي، هتي جا ماڻهو وڻن مان اندازو لڳائي وٺندا هئا ته هن وڻ هيٺ پاڻي مٺو آهي يا کارو آهي؛ ان آڌار تي مٺي پاڻي لاءِ بور ڪيو ويندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ نلڪا لڳايا ويندا هئا. هن چيو ته وڻ ۽ ٻوٽا انساني سماج توڙي ماحول کي زندگي ڏين ٿا، 15 جولائي کان 15 سيپٽمبر تائين وڻ پوکڻ جي مند هوندي آهي ان مند ۾ جيترا وڻ لڳائي سگهجن ٿا اهي لڳائجن.” هن چيو ته بنان ڪنهن سبب جي هڪ وڻ وڍڻ هڪ انسان کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان جي ماهرن کي گهرجي ته هو ڳوٺن ۾ وڃي هارين کي جديد زرعي ڄاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏين.











