ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ صوبي ۾ امڪاني سانوڻي برساتن ۽ تيز هوائن بابت الرٽ جاري ڪندي سموري ضلعي انتظاميه، لاڳاپيل ادارن ۽ ريسڪيو سروسز کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سنڌ، سيد سلمان شاهه، چيو آهي ته پاڪستان موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ مان ايندڙ …
پي ڊي ايم اي پاران سنڌ صوبي ۾ امڪاني سانوڻي برساتن ۽ تيز هوائن بابت الرٽ جاري

مزید خبریں
ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ صوبي ۾ امڪاني سانوڻي برساتن ۽ تيز هوائن بابت الرٽ جاري ڪندي سموري ضلعي انتظاميه، لاڳاپيل ادارن ۽ ريسڪيو سروسز کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سنڌ، سيد سلمان شاهه، چيو آهي ته پاڪستان موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ مان ايندڙ مضبوط مون سون هوائن سبب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ (اڄ) جمعي کان ڇنڇر 25 جولاءِ تائين گجگوڙ سان گڏ برساتن جو امڪان آهي. هن چيو ته حيدرآباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، ڄامشورو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برساتون متوقع آهن، جڏهن ته گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ خيرپور ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي. لاڙڪاڻي، نوشهروفيروز ۽ ٺٽي ۾ (اڄ) جمعي ۽ (سڀاڻي) ڇنڇر تي گجگوڙ سان گڏ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه هدايتون جاري ڪندي چيو ته تيز هوائن ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور اڏاوتن، بجلي جي ٿنڀن، سولر پينلن ۽ بل بورڊن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارن کي احتياطي اپاءَ وٺڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيد سلمان شاهه وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي سنڌ مون سون برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي الرٽ آهي. ڊي واٽرنگ پمپ ۽ ٻيون ضروري مشينون آپريشن لاءِ تيار رکيون ويون آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي هيٺاهين وارن علائقن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ڊي واٽرنگ مشينري کي فوري طور متاثره هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته خراب موسمي حالتن دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، بجلي جي ٿنڀن ۽ ڪمزور عمارتن کان پري رهن ۽ پنهنجي حفاظت لاءِ سرڪاري هدايتن تي عمل ڪن.











