حيدرآباد ۾ آٽو ڀان روڊ تي اِي چالان سسٽم جي باقائدي شروعات

حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد ۾ آٽو ڀان روڊ تي اِي چالان سسٽم جي باقائدي شروعات ڪئي وئي آهي. ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي خاص طور تي ڊبل پارڪنگ، غلط پارڪنگ ۽ ٻين خلاف ورزين تي موبائيل ڪيمرائن جي ذريعي اي چالان جاري ڪيا پيا وڃن ٽريفڪ پوليس موجب خلاف ورزي ڪندڙ گاڏي جي تصوير محفوظ ڪئي ويندي ۽ اي چالان گاڏي جي رجسٽرڊ مالڪ جي ايڊريس تي موڪليو …

حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد ۾ آٽو ڀان روڊ تي اِي چالان سسٽم جي باقائدي شروعات ڪئي وئي آهي. ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي خاص طور تي ڊبل پارڪنگ، غلط پارڪنگ ۽ ٻين خلاف ورزين تي موبائيل ڪيمرائن جي ذريعي اي چالان جاري ڪيا پيا وڃن ٽريفڪ پوليس موجب خلاف ورزي ڪندڙ گاڏي جي تصوير محفوظ ڪئي ويندي ۽ اي چالان گاڏي جي رجسٽرڊ مالڪ جي ايڊريس تي موڪليو ويندو شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ٽريفڪ قانونن جي پابندي ڪن ته جيئن ڏنڊ ۽ قانوني ڪارروائي کان بچي سگهن.