آمريڪا ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال لاءِ سهڪار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن: سعودي عرب

رياض-23 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي توانائي واري وزارت چيو آهي ته آمريڪا ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال لاءِ سهڪار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميديا موجب بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ حصيداري جي فريم ورڪ ۾ اچي ٿو. اها اڳڀرائي گذريل سال نومبر ۾ آمريڪا جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران …

رياض-23 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي توانائي واري وزارت چيو آهي ته آمريڪا ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال لاءِ سهڪار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميديا موجب بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ حصيداري جي فريم ورڪ ۾ اچي ٿو. اها اڳڀرائي گذريل سال نومبر ۾ آمريڪا جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران ايٽمي توانائي بابت ٻه طرفين ڳالهين جي ڪاميابي جي اعلان کانپوءِ سامهون آئي. اهو معاهدو جنهن کي 123 معاهدي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، واشنگٽن لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ سان ايٽمي تعاون ۾ شموليت لاءِ ضروري آهي ان تي سعودي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان ۽ سندس آمريڪي هم منصب ڪرس رائٽ باضابطه طور تي صحيحون ڪيون. ان کي ٽرمپ انتظاميه ( بائيليٽرل سيف گارڊ ايگريمينٽ)  قرار ڏنو. سعودي عرب جي لاڳاپيل وزارت بيان ۾ چيو ته ان معاهدي جو مقصد ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال جي حوالي سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. مهارت، ناليج ۽ ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ کي آسان بڻائڻ سان گڏو گڏ ان جو مقصد ايٽمي سيفٽي، ايٽمي سيڪيورٽي ۽ عدم پکيڙ لاءِ اعليٰ ترين عالمي معيارن کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ به آهي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿو.