ايران پاران آمريڪي حملن جي جواب ۾ اردن ۽ ڪويت ۾ آمريڪي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

تهران-23 جولاءِ (اي پي پي) ايران آمريڪي حملن جي جواب ۾ خميس ڏينهن اردن ۽ ڪويت ۾ آمريڪي هدفن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پاسدارن انقلاب خميس ڏينهن اعلان ڪيو ته ايران اردن ۾ آمريڪي فوجي ساز و سامان تي حملو ڪري ان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل ۽ سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيل هڪ بيان موجب …

تهران-23 جولاءِ (اي پي پي) ايران آمريڪي حملن جي جواب ۾ خميس ڏينهن اردن ۽ ڪويت ۾ آمريڪي هدفن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پاسدارن انقلاب خميس ڏينهن اعلان ڪيو ته ايران اردن ۾ آمريڪي فوجي ساز و سامان تي حملو ڪري ان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل ۽ سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيل هڪ بيان موجب هدفن ۾ آمريڪي ٿاڊ ميزائل دفاعي نظام سان تعلق رکندڙ هڪ ريڊار، هڪ پيٽرياٽ سسٽم، هڪ سي ريم ريڊار ۽ هڪ هيليڪاپٽر هينگر شامل هئا. هوڏانهن اردن جي فوج چيو ته سندن فضائي دفاع خميس ڏينهن صبح جو ٽن ميزائلن کي هدف تي پهچڻ کان پهرين ڪِيرائي وڌو، جڏهن ته چوٿون ميزائل ڏورانهن، غير آباد علائقي ۾ ڪِريو. ان کان اڳ اربع جي شام به 6 ڊرونز کي هدف تائين پهچڻ کان پهرين ڪِيرايو ويو. اردن جي فوج وڌيڪ چيو ته آپريشن جي نتيجي ۾ ڪو انساني، جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. ايراني هٿياربند فوج خميس تي اعلان ڪيو ته هن ڪويت ۾ انهن ماڳن کي نشانو بڻايو آهي جيڪي سندس موجب آمريڪي استعمال هيٺ آهي. ايراني فوج سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن ڊرون ذريعي ڪيمپ دوحه ۾ آمريڪي فوج جي گوله بارود جي ڊيپو ۽ لاجسٽڪس سائيٽس، علي اسلم ايئربيس تي ٻارڻ جي ٽينڪ ۽ ڪويت ۾ عارفجان بيس تي هڪ گولا بارود ڊيپو کي نشانو بڻايو آهي. ڪويتي فوج خميس ڏينهن جي شروعات ۾ اعلان ڪيو ته ان جو فضائي دفاع ملڪ تي مسلسل ايراني حملن وچ ۾، دشمن ڊرونز ذريعي حملن کي ناڪام ڪري رهيو آهي. ڪويتي آرمي جنرل اسٽاف چيو ته ڌماڪن جا آواز ٻُڌا وڃن ٿا ته اهي فضائي دفاعي نظام جي دشمن حملن کي روڪڻ جو نتيجو آهن. هفتي دوران ايران ڪويت ۾ پاڻيءَ کي صاف ڪندڙ ۽ بجلي پيدا ڪندڙ اهم ٺڪاڻن سان گڏوگڏ ڪويت، بحرين ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي ماڳن کي نشانو بڻايو. ان کان اڳ سعودي سرڪاري ميڊيا پڻ اطلاع ڏنو آهي ته ٻن سعودي آئل ٽينڪرز کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ مقامي ڪمپني جي جهاز کي نشانو بڻايو ويو. آبناءِ هرمز ۾ ايران جي پاسدارن انقلاب جي بيان ۾ 3 آئل ٽينڪرن مان هڪ ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي وئي جڏهن  ته آبناءِ هرمز جي ڏکڻ ۾ بارودي سرنگن سان ڀريل رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته باقي 2 ٽينڪرز واپس هليا ويا.

مزید خبریں