اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪولو بايف جي دعوت تي 23 ۽ 24 جُولاءِ تي ڪرغزستان جي شهر چولپون آتا ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ پاڪستان، چين، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 23 ۽ 24 جُولاءِ تي ڪرغزستان جو دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪولو بايف جي دعوت تي 23 ۽ 24 جُولاءِ تي ڪرغزستان جي شهر چولپون آتا ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ پاڪستان، چين، بيلاروس، ڀارت، ايران، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان سميت ايس سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ايس سي او جو ٻيو وڏو اهم فورم آهي جيڪو عالمي لاڳاپن سميت تنظيم جي ميمبر مُلڪن جي پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسين بابت پاليسين تي غور ڪري ٿو. ڪرغزستان جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪرغزستان جي صدر سان پڻ ملاقات ڪندو جڏهن ته هو اجلاس جي موقعي تي ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان به ڪيتريون ئي ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.











