نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي، دولتِ مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ايڊ ملي بينڊ سان ملاقات

منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي برطانيا جي پرڏيهي، دولتِ مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ايڊ ملي بينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايڊ ملي بينڊ کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي …

منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي برطانيا جي پرڏيهي، دولتِ مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ايڊ ملي بينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايڊ ملي بينڊ کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پُراڻي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي قيمتي خدمتن ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ سندن ڪردار کي ساراهيو. مُلاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال، خاص طور تي خطي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ تازي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽائي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌُرين خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه، موثر سفارتڪاري ۽ لڳاتار سفارتي ڪوششون تمام گهڻيُون ضروري آهن.









 
مزید خبریں