نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ اومان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد البوسعيدي سان ملاقات

منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم 2026ع جي موقعي تي اومان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد البوسعيدي سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن اعليٰ سطحي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، عوامي سطح تي رابطن، …

منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم 2026ع جي موقعي تي اومان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد البوسعيدي سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن اعليٰ سطحي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، عوامي سطح تي رابطن، ڪاروباري برادريءَ وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ گهڻ طرفن فورمن ۾ مسلسل رابطي ذريعي گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۽ دُنيا جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اومان جي پرڏيهي وزير ڳالهين جي فروغ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ڌُرين خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي برقرار رکڻ، عالمي قانون جو احترام ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.


مزید خبریں