شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جو هڪ اهم اجلاس منعقد

ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت سوشل ميڊيا تي هلندڙ منفي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءَ جي روڪٿام ۽ ان گھيراءُ لاءِ صوبائي سطح تي هڪ خصوصي سيل قائم ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ …

ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت سوشل ميڊيا تي هلندڙ منفي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءَ جي روڪٿام ۽ ان گھيراءُ لاءِ صوبائي سطح تي هڪ خصوصي سيل قائم ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ اطلاعات کاتي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽرز محمد يوسف ڪاٻوڙو، حزب الله ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سماجي ميڊيا تي هلندڙ ناڪاري ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۽ قومي مفادن خلاف هلندڙ منفي مهمن کي ناڪام بڻائڻ بابت مختلف حڪمت عملين تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه شرپسند ڌريون سماجي ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن وسيلي ملڪ ۽ قومي مفادن خلاف گمراهه ڪندڙ مواد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙن عنصرن خلاف قانون موجب اثرائتي ڪارروائي اڻٽر آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سائبر ڏوهن جي روڪٿام لاءِ صوبي جي سطح تي هڪ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اظهارِ راءِ جي آزادي هر شهري جو آئيني حق آهي، پر اظهار جي آزادي جي نالي ۾ ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪرڻ جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪوڙين خبرن ۽ منفي پروپيگنڊا جو وقت سر ۽ اثرائتو تدارڪ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ سنڌ حڪومت قومي مفادن جي تحفظ ۽ صحيح معلومات جي واڌاري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.