ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائيءَ ۽ صوبي جي ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عوام کي درپيش مسئلن جو حل، انهن کي بنيادي سهولتن جي فراھمي ۽ انهن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن …
سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائيءَ ۽ صوبي جي ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

مزید خبریں
ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائيءَ ۽ صوبي جي ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عوام کي درپيش مسئلن جو حل، انهن کي بنيادي سهولتن جي فراھمي ۽ انهن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتن دوران ڪيو. صوبائي وزير انهن جا مسئلا توجھ سان ٻڌا ۽ وفدن پاران پيش ڪيل مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي ضروري قدمن جي هدايت ڪندي يقين ڏياريو ته حڪومت عوام جي مسئلن جي حل ۽ انهن کي رليف جي فراھمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير چيو ته حڪومت عوام جي خدمت جي مشن تي گامزن آهي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ تمام دستياب وسيلن کي ڪارآمد بڻايو پيو وڃي. عوامي مسئلن جي حل ۽ انهن کي درپيش مشڪلاتن جي ازالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين حڪومتي قدمن جا ثمر سڌوسنئون عوام تائين پهچي سگهن.











