صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد

ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو آخري اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزير آبپاشي ۽ رٿابندي ڄام خان شورو، وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاهه، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سيڊ ڪارپوريشن عبدالفتاح هليو، …

ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو آخري اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزير آبپاشي ۽ رٿابندي ڄام خان شورو، وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاهه، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سيڊ ڪارپوريشن عبدالفتاح هليو، ڊپٽي سيڪريٽري خادم حسين ٻرڙو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ذيلي ڪميٽيءَ کي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي آڪٽوبر 2025ع کان جولاءِ 2026ع تائين جي 10 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي مالي ۽ انتظامي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري، صوبائي وزيرن پاران اطمينان، ڪارڪردگي رپورٽ سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بيفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 10 مهينن دوران اداري مالي ۽ انتظامي شعبن ۾ نمايان بهتري حاصل ڪئي. ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن عبدالفتاح هليو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ اداري جي مجموعي آمدني 65.732 ملين رپين مان وڌي 96.299 ملين رپيا ٿي وئي، يعني 30.567 ملين رپين جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. ساڳئي ئي عرصي ۾ چانورن جي پيداوار مان 15.768 ملين رپيا، جڏهن ته ڪڻڪ جي پيداوار مان 33.566 ملين رپين جي آمدني حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2025 کان جولاءِ 2026 دوران 27 گهوسٽ ملازمن کي پي رول تان هٽايو ويو، 150 ايڪڙ سرڪاري زرعي زمين غيرقانوني قبضي مان خالي ڪرائي وئي، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوکائيءَ جو رقبو بالترتيب 207 ۽ 71 ايڪڙ وڌايو ويو، جڏهن ته ڀاڙن جي مد ۾ 6.851 ملين رپيا وصول ڪيا ويا. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي 6 ٽيوب ويلن کي سولر توانائيءَ تي منتقل ڪيو ويو، مڇيءَ جي تلاءَ جي ريڪوريءَ جو عمل پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو، 3,394 مڻ ڪڻڪ جو ٻج پروسيسنگ لاءِ سڪرنڊ پلانٽ منتقل ڪيو ويو، سمورن ملازمن کي گذريل 12 مهينن دوران وقت تي پگهارن جي ادائيگي يقيني بڻائي وئي، غيرقانوني طور مٽي کڻڻ تي ٻه ايف آءِ آرز درج ڪيون ويون ۽ 15 ڪرائيداري معاهدا منسوخ ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري آئي. سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري سٺو سنوڻ آهي ۽ اداري جي سڌارن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته شفافيت، احتساب ۽ ميرٽ تي ٻڌل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. هن اعلان ڪيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي رپورٽ ايندڙ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ زراعت کاتي جي وزير سردار محمد بخش مهر، وزير آبپاشي ۽ رٿابندي ڄام خان شورو، وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ آبادگار اڳواڻن سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي ايم ڊي ۽ اداري جي انتظاميا جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ادارو ايندڙ وقت ۾ به ساڳئي جذبي ۽ محنت سان پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائيندي صوبي جي زرعي شعبي جي ترقيءَ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو. 

مزید خبریں