حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ۽ ڦورن مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد-22 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ڀٽي ڳوٺ لنڪ روڊ تان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ مبينه ڦورو بشير عرف آفتاب بليدي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب زخمي جي قبضي مان پستول هٿ آيو آهي جڏهن ته ملزم جو ٻيو ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جي ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار …

حيدرآباد-22 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ڀٽي ڳوٺ لنڪ روڊ تان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ مبينه ڦورو بشير عرف آفتاب بليدي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب زخمي جي قبضي مان پستول هٿ آيو آهي جڏهن ته ملزم جو ٻيو ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جي ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار خلاف حيدرآباد سميت ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن.