بلديه ٿاڻي جي پوليس پاران ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي، پوليس مقابلي دوران ڀڄي ويل جوابدار گرفتار

حيدرآباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) بلديه ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري اڱاري ۽ اربعه جي وچ واري رات ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل پوليس مقابلي دوران ڀڄي ويل جوابدار بادل بروهي کي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي پوليس سان مقابلو ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي جڏهن ته بلديه ٿاڻي تي …

حيدرآباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) بلديه ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري اڱاري ۽ اربعه جي وچ واري رات ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل پوليس مقابلي دوران ڀڄي ويل جوابدار بادل بروهي کي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي پوليس سان مقابلو ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي جڏهن ته بلديه ٿاڻي تي به جوابدار خلاف سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.