گڏيل قومون- 22 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ ، غزه ۽ لبنان ۾ جاري تشدد سبب شهري فوتگين ۽ بنيادي ڍانچي جي نقصان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن واري شعبي (اوچا ) مطابق ايران جي گهٽ ۾ گهٽ 6 صوبن ۾ حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ …
وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سان شهري ۽ بنيادي ڍانچو متاثر ٿي رهيو آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون- 22 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ ، غزه ۽ لبنان ۾ جاري تشدد سبب شهري فوتگين ۽ بنيادي ڍانچي جي نقصان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن واري شعبي (اوچا ) مطابق ايران جي گهٽ ۾ گهٽ 6 صوبن ۾ حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا آهن. هرمزگان صوبي ۾ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائيندڙ پلانٽ تي حملي سان 20 ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي جنهن سان اٽڪل 10 هزار ماڻهو متاثر ٿيا . اهڙي طرح ايلام صوبي جي شهر دلوران ۾ پاڻي جي پيداوار جي هڪ ٺاڪاڻي کي نقصان پهتو جڏهن ته خوزستان صوبي جي شهر هواز ۾ ٻارن جي ڪينسر جي اسپتال تي فضائي حملن سبب ثانوي نقصان پهچڻ جو اطلاع مليو آهي . اوچا مطابق ڪويت ۾ به گذريل 4 ڏينهن دوران بجلي ۽ پاڻي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جا ڪيترا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. غزه جي صورتحال تي اداري ٻڌايو ته گولا باري، فضائي حملن ۽ فائرنگ سبب مسلسل خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. جمعي ڏينهن نصيرات پناهگيرن جي ڪيمپ ويجهو هڪ اسرائيل ڊرون حملي ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا . اهو حملو ان وقت ٿيو جڏهن ويجهي علائقي ۾ جنازي نماز بعد وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا . اوچا مطابق خان يونس جي اولهه ۾ عارضي تعليمي مرڪز ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ هڪ استاد کي به اسرائيلي فائرنگ ۾ نشانو بڻايو ويو، هلندڙ سال جي شروعات کان هيل تائين تعليمي شعبي بابت 26 سيڪيورٽي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. جن ۾ اسڪولن ، عارضي تعليمي مرڪزن، شاگردن ۽ استادن کي نقصان پهتو، ٻئي پاسي لبنان ۾ جاري حملن سبب بي گهر خاندانن جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي به متاثر ٿي رهي آهي.











