گڏيل قومن پاران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار، سفارتڪاري تي زور

گڏيل قومون-22 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري طور تي ويڙهه روڪڻ ۽ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل کي ايران ۾ شهري ٺڪاڻن تي ٿيندڙ حملن تي ڳڻتي آهي. اتي  تعمير هيٺ ايٽمي …

گڏيل قومون-22 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري طور تي ويڙهه روڪڻ ۽ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل کي ايران ۾ شهري ٺڪاڻن تي ٿيندڙ حملن تي ڳڻتي آهي. اتي  تعمير هيٺ ايٽمي بجلي گهر ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جو پلانٽ پڻ شامل آهي. هن چيو ته خطي جي ٻين علائقن ۾ بجلي گهرن ۽ پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽس تي حملا به قابل قبول ناهن، انهن کي بند ٿيڻ گهرجي. ترجمان موجب اسپتالن، پاڻي جي فراهمي جي نظام ۽ ٻين بنيادي شهري ٺڪاڻن کي هر صورت ۾ محفوظ رکڻ گهرجي. هن سمورن ڌرين تي زور ڀريو ته عالمي انساني قانون خاص طور تي شهرين جي تحفظ بابت اصولن جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي . گڏيل قومن موجب ان بحران جا اثر ڪيترن ئي ملڪن تائين پکڙجي چڪا آهن جنهن سبب واپار ، انساني امداد جي فراهمي، ٽرانسپورٽ جو خرچ ۽ گيس سميت بنيادي شين تي دٻاءَ وڌي رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته موجوده تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي پائيدار امن لاءِ  سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ اڻٽر آهي.

مزید خبریں