رياض _ 22 جولاءِ (اي پي پي)سعودي عرب جي واپار واري وزارت ڊسڪائونٽ سيزن 2026ع شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو پهرين آگسٽ کان 31 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واپار واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته واپاري شين کي رعايتي قيمتن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪمرشل ادارن کي اين او سي حاصل ڪرڻي پوندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊسڪائونٽ سيزن خاص …
سعودي عرب جي واپار واري وزارت پاران ڊسڪائونٽ سيزن جو اعلان

مزید خبریں
رياض _ 22 جولاءِ (اي پي پي)سعودي عرب جي واپار واري وزارت ڊسڪائونٽ سيزن 2026ع شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو پهرين آگسٽ کان 31 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واپار واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته واپاري شين کي رعايتي قيمتن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪمرشل ادارن کي اين او سي حاصل ڪرڻي پوندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊسڪائونٽ سيزن خاص هوندو جنهن مان ٻيون سيزنز متاثر نه ٿينديون جنهن ۾ رمضان المبارڪ ۽ عيد جي سيل سيزن شامل آهي. واپار واري وزارت چيو ته واپاري ۽ ڪمرشل ادارا وزارت جي مخصوص ڊجيٽل پورٽل ذريعي سيلز پرمٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. صارفين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اصل سيل پوائنٽ جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ بارڪوڊ اسڪين ڪري اها معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا ته اداري کي سيل پرمٽ جاري ڪيو ويو آهي يا نه، ڪمرشل اداري يا دڪان جي اين او سي کان علاوه سيل جي نوعيت بابت به معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. واضع رهي ته مملڪت ۾ واپاري قانون مطابق ڪو به ڪمرشل ادارو يا دڪاندار باقاعده اين او سي کانسواءِ ” سيل “ جو بورڊ يا نوٽيس نٿو لڳائي سگهي ، ان لاءِ واپار واري وزارت کان اين او سي حاصل ڪرڻ ضروري آهي جنهن ۾ سيل کان اڳ جي قيمت ۽ سيل کان پوءِ قيمت داخل ڪرڻ لازمي آهي.











