منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي وچ ۽ اولهه ايشيائي شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ليه گٽيريز سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم پهچڻ کانپوءِ اي ڊي بي جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پُڻ لکيا. بعد …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

مزید خبریں
منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي وچ ۽ اولهه ايشيائي شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ليه گٽيريز سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم پهچڻ کانپوءِ اي ڊي بي جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پُڻ لکيا. بعد ۾، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۾ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نشيطه محسن، نائب وزيراعظم جي اعزاز ۾ هڪ ورڪنگ لنچ جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ اي ڊي بي جي مختلف شعبن ۽ علائقن ۾ اعليٰ قيادت جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستاني شخصيتن شرڪت ڪئي. ملاقات دوران، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي بدلجندڙ ترقياتي ايجنڊا، پاڪستان سان ان جي ڀائيواري ۽ بينڪ جي مختلف شعبن ۽ علائقن ۾ خدمتن ۾ اڳڀرائي ۾ پاڪستاني پيشيور ماڻهن جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اي ڊي بي جي مشن ۾ انهن جي قيمتي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اداري ۾ پنهنجن قائداڻين صلاحيتن ۽ مهارت ذريعي، اهي پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهن. نائب وزيراعظم نشيطه محسن کي ايشيائي ترقياتي بينڪ ۾ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










