عوام کي فوري، اثرائتو ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي رياستي ادارن جي بنيادي ذميداري آهي: سيد محمد نهال هاشمي

ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته عوام کي فوري، اثرائتو ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي رياستي ادارن جي بنيادي ذميداري آهي. عوامي شڪايتن جي وقت سر ۽ منصفاڻي ازالي سان سرڪاري ادارن تي عوام جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيندو آهي، جڏهن ته نوجوانن ۽ شاگردن ۾ شهري حقن، عوامي خدمتن ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام بابت آگاهي پيدا …

ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته عوام کي فوري، اثرائتو ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي رياستي ادارن جي بنيادي ذميداري آهي. عوامي شڪايتن جي وقت سر ۽ منصفاڻي ازالي سان سرڪاري ادارن تي عوام جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيندو آهي، جڏهن ته نوجوانن ۽ شاگردن ۾ شهري حقن، عوامي خدمتن ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام بابت آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ ڊاڪٽر سهيل راجپوت سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ صوبائي محتسب اعليٰ اداري جي سالياڻي رپورٽ 2025ع گورنر کي پيش ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي، عوامي رليف، ڊجيٽل سڌارن ۽ آگاهي مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. گورنر صوبائي محتسب جي اداري جي اثرائتي ڪارڪردگي، شفافيت، ڊجيٽل سڌارن ۽ عوامي خدمتن جي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙا ادارا عوام ۽ حڪومت وچ ۾ اعتماد کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر سهيل راجپوت ٻڌايو ته عوام جي وڌندڙ اعتماد سبب اداري کي موصول ٿيندڙ شڪايتن جو تعداد ساڍن ستن هزارن کان وڌي 25 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. هن چيو ته سال 2025ع دوران صوبائي محتسب 4.29 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جو رليف فراهم ڪيو، جڏهن ته موصول ٿيندڙ شڪايتن جو ازالو 90 ڏينهن اندر يقيني بڻايو پيو وڃي.

مزید خبریں