سکر ڊويزن جي ڊائريڪٽر هيلٿ پاران ڊبليو ايڇ او جي سب آفيس سکر جو دورو

سکر- 21 جولاءِ (اي پي پي) سکر ڊويزن جي ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو (هيلٿ مئنيجمينٽ ڪيڊر) پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالڻ کانپوءِ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سب آفيس سکر جو دورو ڪيو، جتي هن ڊبليو ايڇ او جي صوبائي سربراهه ڊاڪٽر مختيار حسين ڀيو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول (IPC) جي طريقيڪار تي مؤثر عملدرآمد، وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام، ۽ …

سکر- 21 جولاءِ (اي پي پي) سکر ڊويزن جي ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو (هيلٿ مئنيجمينٽ ڪيڊر) پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالڻ کانپوءِ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سب آفيس سکر جو دورو ڪيو، جتي هن ڊبليو ايڇ او جي صوبائي سربراهه ڊاڪٽر مختيار حسين ڀيو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول (IPC) جي طريقيڪار تي مؤثر عملدرآمد، وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام، ۽ ايڇ آءِ وي، ٽي بي ۽ مليريا سميت مختلف بيمارين بابت عوامي آگاهي ۽ جاڳرتا جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر مختيار حسين ڀيو صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ڊائريڪٽوريٽ هيلٿ سکر ڊويزن سان مڪمل سهڪار ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر هيلٿ سکر ڊويزن ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو چيو ته سکر ڊويزن ۾ عوام کي بهتر ۽ معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم وڌيڪ مؤثر ۽ عملي بڻايا ويندا. هن چيو ته اعليٰ اختيارين جي هدايتن ۽ صحت کاتي جي پاليسي ۽ ويزن موجب ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو. ان کان اڳ ڊائريڪٽر هيلٿ آفيس سکر ۾ ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو هڪ تعارفي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ آفيس جي مختلف شعبن جي ڪارڪردگي، جاري معاملن ۽ انتظامي معاملن بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون.