ڪابل- 21 جولاءِ (اي پي پي) افغانستان جي اوڀر صوبي نورستان ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب 23 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ گم ٿي ويا. گم ٿيلن ۾ صوبائي گادي واري شهر پارون جو ميئر ۽ ڪيترائي سرڪاري ملازم به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي ماڻهو ملبي هيٺ دٻجڻ وارن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن. رپورٽ ۾ نيشنل ڊيزاسٽر ايجنسي ۽ صوبائي …
افغانستان جي اوڀر صوبي نورستان ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 23 ڄڻا فوت، 100 گم

مزید خبریں
ڪابل- 21 جولاءِ (اي پي پي) افغانستان جي اوڀر صوبي نورستان ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب 23 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ گم ٿي ويا. گم ٿيلن ۾ صوبائي گادي واري شهر پارون جو ميئر ۽ ڪيترائي سرڪاري ملازم به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي ماڻهو ملبي هيٺ دٻجڻ وارن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن. رپورٽ ۾ نيشنل ڊيزاسٽر ايجنسي ۽ صوبائي گورنر جي آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اٽڪل 100 ڄڻا گم آهن. ملبي هيٺان اچي ڪيترائي هوٽل، بازار ۽ دڪانون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون. افغان هلال احمر سوسائٽي جي ڪميونيڪيشن چيف جمعه خان نيل چيو ته علائقي ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي ۽ سوين رضاڪار بيلچن ۽ هٿن سان ملبو هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته جن ماڻهن جا گهر تباهه ٿيا آهن انهن لاءِ فوري طور تي خوراڪ، پاڻي ۽ خيما فراهم ڪيا پيا وڃن. افغانستان جي دفاع واري وزارت چيو ته امدادي سرگرمين ۾ مدد لاءِ فوج کي علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.











