قاسم آباد جي ۾ سئي گيس جي لائينن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ وارو مسئلو ايم اين اي جي ڪوششن سان حل ٿي ويو

حيدرآباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) قاسم آباد جي سمن آباد، ماروي ٽائون، شهباز ٽائون سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سئي گيس جي لائينن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ وارو مسئلو قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالعليم خانزاده ۽ سئي گيس جي آفيسر طالب حسين جمالي جي ڪوششن سان حل ٿي ويو آهي جنهن تي ڄاڻايل علائقن جي رهواسين خوشي جو اظهار ڪندي عبدالعليم خانزاده ۽ سئي گيس اختيارين جو شڪريو ادا …

حيدرآباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) قاسم آباد جي سمن آباد، ماروي ٽائون، شهباز ٽائون سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سئي گيس جي لائينن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ وارو مسئلو قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالعليم خانزاده ۽ سئي گيس جي آفيسر طالب حسين جمالي جي ڪوششن سان حل ٿي ويو آهي جنهن تي ڄاڻايل علائقن جي رهواسين خوشي جو اظهار ڪندي عبدالعليم خانزاده ۽ سئي گيس اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو آهي. واضع رهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اهو مسئلو هئو ۽ گهرن ۾ گيس نه اچڻ جي ڪري رهواسي سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا هئا. رهواسين موجب ان سلسلي ۾ شروعاتي طور تي سئي گيس جي ريجنل آفيس ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون داخل ڪيون ويون هيون پر مسئلو حل نه ٿي رهيو هو جنهن بعد قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالعليم خانزاده کي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي جنهن جي مداخلت کان پوءِ سئي گيس جي عملي ڏينهن رات مسلسل ڪوششون ڪري پاڻي جي ليڪيج کي بند ڪري مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو آهي . 

مزید خبریں