حيدرآباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سول اسپتال حيدرآباد جي سيڪيورٽي گارڊن 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ايم ايس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال اندر ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن اسپتال انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته سندن رھيل پگھارون فوري طور ادا ڪيون وڃن، احتجاج ڪندڙن چيو ته هاڻي پنجون مهينو شروع ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين کين پگهارون ناهن مليون،ھنن چيو ته سندن …
سول اسپتال حيدرآباد جي سيڪيورٽي گارڊن پاران 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ايم ايس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو

مزید خبریں
حيدرآباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) سول اسپتال حيدرآباد جي سيڪيورٽي گارڊن 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ايم ايس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال اندر ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن اسپتال انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته سندن رھيل پگھارون فوري طور ادا ڪيون وڃن، احتجاج ڪندڙن چيو ته هاڻي پنجون مهينو شروع ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين کين پگهارون ناهن مليون،ھنن چيو ته سندن پگهار اڳ ئي تمام گهٽ آهي، مٿان وري ڪيترن مهينن کان بند هجڻ سبب گهرن ۾ سخت مالي پريشاني ۽ فاقاڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي،سيڪيورٽي گارڊن جو چوڻ هو ته هو روزانو احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس) سندن مسئلي جو ڪو به نوٽيس نٿو وٺي،هنن چيو ته اربين رپين جي بجيٽ رکندڙ سول اسپتال ۾ ننڍن ملازمن کي پگهارون نه ملڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي پابند بڻائي فوري طور سندن 4 مهينن جون رهيل پگهارون ادا ڪرايون وڃن، جيئن سندن مالي مشڪلاتن جو خاتمو ٿي سگهي.











