ايران جي پاسداران انقلاب پاران ڪويت ۾ ڪيترن ئي آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ

تهران- 21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب اڱاري ڏينهن صبح جو جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڪويت ۾ آمريڪي فوج جي ريڊار سسٽمز کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جي احمد الجابر اڏي تي حملي ۾ آمريڪي ريڊار ۽ دفاعي نظام تباهه ڪيا ويا آهن جيڪي حملي جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هيا. سينٽڪام ۽ ڪويت جي اختيارين ان دعويٰ تي ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ڪيو. پاسداران انقلاب …

تهران- 21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب اڱاري ڏينهن صبح جو جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڪويت ۾ آمريڪي فوج جي ريڊار سسٽمز کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جي احمد الجابر اڏي تي حملي ۾ آمريڪي ريڊار ۽ دفاعي نظام تباهه ڪيا ويا آهن جيڪي حملي جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هيا. سينٽڪام ۽ ڪويت جي اختيارين ان دعويٰ تي ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ڪيو. پاسداران انقلاب موجب انهن حملن کانپوءِ ايران کي آمريڪا خلاف وڌيڪ ڊرون ۽ ميزائل حملن لاءِ رستو سڌو ٿي ويو آهي. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ڪويت ۾ آمريڪا جي هائي موبلٽي آرٽلري راڪٽ سٽم ( ايڇ آءِ ايم اي آر ايس) کي به نشانو بڻايو . ايراني فوج پاران بيان سان گڏوگڏ ميزائل لانچ ڪرڻ جي وڊيو به جاري ڪئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته آپريشن صاعقه جي 18هين مرحلي ۾ بري فوج زمين کان زمين تي نشانو مار ڪندڙ ميزائل ذريعي ڪويت جي عارف جان اڏي تي مقرر آمريڪا جي ايڇ آءِ ايم اي آر ايس راڪيٽ فائير ڪرڻ وارو جديد نظام آهي جنهن کي تيزي سان هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي منتقل ڪري سگهجي ٿو.

مزید خبریں