هلندڙ مهيني وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني فوجي حملن ۾ 100 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا: پينٽاگون

واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايران جي ڪيترن ئي فوجي حملن ۾ اٽڪل 100 آمريڪي فوجي اهلڪار زخمي ٿيا آهن. آمريڪي دفاع واري مرڪز پينٽاگون جي مرڪزي ترجمان سين پارٽيل ٻڌايو ته 7 جولاءِ 2026ع بعد کان اٽڪل 100 فوجين کي ڪنهن نه ڪنهن درجي جا ڌڪ لڳا آهن ، …

واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايران جي ڪيترن ئي فوجي حملن ۾ اٽڪل 100 آمريڪي فوجي اهلڪار زخمي ٿيا آهن. آمريڪي دفاع واري مرڪز پينٽاگون جي مرڪزي ترجمان سين پارٽيل ٻڌايو ته 7 جولاءِ 2026ع بعد کان اٽڪل 100 فوجين کي ڪنهن نه ڪنهن درجي جا ڌڪ لڳا آهن ، جنهن ۾ 96 سيڪڙو جا معمولي زخمي هئا ، ٻيهر پنهنجي ڊيوٽي تي واپس اچي ويا آهن . گذريل هفتي جي آخر ۾ آمريڪي دفاع واري کاتي اعلان ڪيو هو ته اردن ۾ هڪ فوجي اڏي تي 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا جڏهن ته جنهن هنڌ تان ٽيون آمريڪي فوجي لاپتا ٿيو هو ، اتي نامعلوم ڍانچو مليو آهي . هڪ ٻئي آمريڪي فوجي عراق ۾ ايراني آپگهاتي ڊرون جي ڪرڻ بعد ان ۾ موجود ڌماڪي دار مواد کي ڪنٽرولڊ طريقي سان تباهه ڪرڻ دوران مارجي ويو. پينٽاگون ايراني حملن جي تازي لهر ۾ زخمي ٿي ويل فوجين جي درست انگن يا نقصانن جا تفصيل عوامي طور تي جاري ناهن ڪيا. فوج جي مارجي ويل ۽ زخمي اهلڪارن جو رڪارڊ رکندڙ ڊفينس ڪيجوئلٽي ايناليسس سسٽم (ڊي سي ايس ) مطابق آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي شروعات کان هيستائين 413 آمريڪي فوجي اهلڪار ڪاروائي دوران زخمي ٿيا آهن، پر ان انگ ۾ هلندڙ مهيني زخمي ٿي ويل فوجي اهلڪار شامل ناهن . ڊي سي اي ايس جي ويب سائٽ تي هڪ جڳهه زخمين جو انگ 427 داخل آهي . گذريل هفتي جي آخر ۾ ٿيل فوتگين کي شامل ڪرڻ کانسواءِ 14 آمريڪي مارجي چڪا آهن ۽ اردن ۾ مارجي ويل ٽن فوجي اهلڪارن کي شامل ڪرڻ بعد اهو انگ 17 ٿي ويو آهي.

مزید خبریں