واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا کان امپورٽ واپار جي ڪيترين ئي شين تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي انتظاميه ان قدم کي ڪينيڊا طرفان آمريڪي ساخته ڪارن، الڪوحل ۽ کير جي مصنوعات سان اڻبرابري جو سلوڪ قرار ڏنو آهي. نئين آمريڪي قدم سان واپاري جنگ ۾ هڪ نئون محاذ کولڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. …
آمريڪي صدر پاران ڪينيڊا کان امپورٽ واپار جي ڪيترين ئي شين تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن- 21 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا کان امپورٽ واپار جي ڪيترين ئي شين تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي انتظاميه ان قدم کي ڪينيڊا طرفان آمريڪي ساخته ڪارن، الڪوحل ۽ کير جي مصنوعات سان اڻبرابري جو سلوڪ قرار ڏنو آهي. نئين آمريڪي قدم سان واپاري جنگ ۾ هڪ نئون محاذ کولڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. شراب کان وٺي سيمينٽ ۽ آئيس هاڪي ۾ استعمال ٿيندڙ شين تي امپورٽ ٽيڪس لڳائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 1930ع جي ٽيرف ايڪٽ جو سيڪشن 338 لاڳو ڪيو جيڪو هڪ صدر کي اجازت ڏي ٿو ته هو آمريڪي شين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ واپاري شراڪتدارن خلاف 50 سيڪڙو تائين جي ٽيڪس لڳائي. آمريڪي صدر طرفان ان قانون کي اٽڪل هڪ صدي ۾ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر طرفان ڪينيڊا خلاف اعلان ڪيل نئون ٽيرف جيڪو 30 ڏينهن ۾ لاڳو ٿيندو. اهو ٽيرف ڊيري مصنوعات، سوئمنگ پولز ، فرنيچر ، فشنگ راڊز، ڪپڙن ۽ وگ سميت ٻين شين تي به لاڳو ٿيندو. ان ٽيڪس سان ڪينيڊا کان اٽڪل 20 ملين ڊالرن جو آمدني واپار متاثر ٿيندو . ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني هڪ بيان ۾ چيو ته سندس حڪومت آمريڪي حڪومت سان واپاري تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ جامع تجويز پيش ڪئي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪي صدر طرفان لاڳو ڪيل ٽيڪس اتر آمريڪا جي واپاري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.











