بنگلاديش پاران” اسرائيل کانسواءِ“ نوان پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڍاڪا- 21 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ مهيني کان اهڙن نون پاسپورٽن جي ڇپائي شروع ڪئي ويندي جنهن تي ٻيهر اهي اکر لکيل هوندا ته “ اهو پاسپورٽ اسرائيل کانسواءِ دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ موثر آهي“. نئون پاسپورٽ آڪٽوبر کان شهرين کي جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد گذريل ڏينهن …

ڍاڪا- 21 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ مهيني کان اهڙن نون پاسپورٽن جي ڇپائي شروع ڪئي ويندي جنهن تي ٻيهر اهي اکر لکيل هوندا ته “ اهو پاسپورٽ اسرائيل کانسواءِ دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ موثر آهي“. نئون پاسپورٽ آڪٽوبر کان شهرين کي جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد گذريل ڏينهن ٻڌايو ته ان حوالي سان سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق نئين پاسپورٽ تي ٻيهر اهي اکر لکيل هوندا ته ” اهو پاسپورٽ اسرائيل کانسواءِ دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ موثر “ آهي. هن نئين پاسپورٽ جي لکائي هلندڙ مهيني شروع ٿيندي ۽ اميد آهي ته عوام کي نئون پاسپورٽ آڪٽوبر کان جاري ٿيندو. هن چيو ته پاسپورٽ ۾ تبديلي حڪومت جي سياسي موقف جي ترجماني ڪندي. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو پيغام ڏيندي ۽ دنيا کي اهو واضع ڪندي ته بنگلاديش فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اهو فيصلو بنگلاديش جي عوام جي خواهشن جي به ترجماني ڪري ٿو. واضع رهي ته 2021ع تائين بنگلاديشي پاسپورٽ تي اهي اکر لکيل هئا ، پر اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي حڪومت نئون پاسپورٽ متعارف ڪرائڻ وقت ان کي هٽائي ڇڏيو هو. غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع کان جاري جنگ بعد شق جي بحالي جي مطالبي ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي هئي.