واشنگٽن- 20 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ ۾ ٻيا ملڪ به پنهنجي ذميواري ادا ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير، آسيان جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سومر ڏينهن فلپائن ڏانهن روانگي کان اڳ ٻين ملڪن تي زور ڀريو ته آبناءِ هرمز ۾ عالمي واپاري جهاز راني جي تحفظ لاءِ هو به پنهنجيون ذميواريون …
آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ ۾ ٻيا ملڪ به پنهنجي ذميواري ادا ڪن: آمريڪي پرڏيهي وزير

مزید خبریں
واشنگٽن- 20 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ ۾ ٻيا ملڪ به پنهنجي ذميواري ادا ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير، آسيان جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سومر ڏينهن فلپائن ڏانهن روانگي کان اڳ ٻين ملڪن تي زور ڀريو ته آبناءِ هرمز ۾ عالمي واپاري جهاز راني جي تحفظ لاءِ هو به پنهنجيون ذميواريون ادا ڪن. هن چيو ته آمريڪا صرف ايراني ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جيڪي عالمي واپاري جهازن تي حملن لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن، مارڪوروبيو چيو ته آبناءِ هرمز هڪ عالمي آبي رستو آهي ۽ ايران جون انهي آبي گذرگاهه ۾ جهازن خلاف ڪارروائيون جاري رکيل آهي. هن چيو ته آمريڪا نه صرف جهازن جي تحفظ ۾ مصروف آهي پر انهن هنڌن کي به نشانو بڻائي رهيو آهي جتان کان ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته آبناءِ هرمز کي آزاد، محفوظ ۽ هر قسم جي رڪاوٽ يا حملي کان پاڪ رهڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ايران جهاز راني سان لاڳاپيل ڪنهن مفاهمتي انتظام جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ان انتظام جو برقرار رهڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. هن چيو ته آمريڪا هاڻي به سفارتي حل لاءِ تيار آهي. آمريڪا هميشه سفارتي حل جي حق ۾ آهي. اسان ايران سان ان تڪرار کي حل ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي.











