تهران- 20 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي، ته تعمير ٿيندڙ ايٽمي بجلي گهر تي آمريڪي حملي ۽ عدم استحڪام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاظم غريب آبادي جو چوڻ آهي ته دار خوين ۾ تعمير ٿيندڙ ايٽمي بجلي گهر تي آمريڪي حملو ايران جي توانائي جي پرامن انفراسٽرڪچر تي …
تعمير ٿيندڙ ايٽمي بجلي گهر تي حملو، عدم استحڪام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي: ايران

مزید خبریں
تهران- 20 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي، ته تعمير ٿيندڙ ايٽمي بجلي گهر تي آمريڪي حملي ۽ عدم استحڪام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاظم غريب آبادي جو چوڻ آهي ته دار خوين ۾ تعمير ٿيندڙ ايٽمي بجلي گهر تي آمريڪي حملو ايران جي توانائي جي پرامن انفراسٽرڪچر تي هڪ خطرناڪ حملو آهي. ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ ڪاظم غريب آبادي خبردار ڪيو ته وڌندڙ بدامني ۽ عدم استحڪام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ذميواري مڪمل طور تي آمريڪي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ايران ان جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ مناسب قدم کڻندو. اي اي اي جو چوڻ هو ته مبينه حملي سان تابڪاري جي ڪنهن خطري جو امڪان ناهي. اداري جي ڊائريڪٽر جنرل رفائيل ماريانو گروسي سمورن ايٽمي ٺڪاڻن جي آسپاس فوجي ڪارروائين تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل جو ورجاءُ پڻ ڪيو آهي.











