مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ آيل نئين بيچ 2026ع جي تعارفي تقريب

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ آيل نئين بيچ 2026ع جي تعارفي تقريب مھراڻ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽي جي اسڪالرشپن، ھاسٽلن، لائبريري، جمنازيم، راندين ۽ ٻين سھولتن بابت آگاھي ڏني. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي مھراڻ يونيورسٽي جي تدريسي نظام …

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ آيل نئين بيچ 2026ع جي تعارفي تقريب مھراڻ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽي جي اسڪالرشپن، ھاسٽلن، لائبريري، جمنازيم، راندين ۽ ٻين سھولتن بابت آگاھي ڏني. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي مھراڻ يونيورسٽي جي تدريسي نظام جي شاگردن متعلق قائدن، قانونن ۽ طريقيڪار بابت تفصيل ٻڌايا. وائيس چانسلر چيو ته مھراڻ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ ملڪ جي ٽيون نمبر ۽ صوبي جي پھريون نمبر انجنيئرنگ يونيورسٽي آھي. هن چيو ته دنيا جي اٽڪل 20 ملڪن جون انجنيئرنگ يونيورسٽيون واشنگٽن معاھدي جو حصو آھن مھراڻ يونيورسٽي پڻ انھن ۾ شامل آھي. وائيس چانسلر چيو ته شاگردن کي ڏکايل ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ۽ پٺتي پيل علائقن جي خدمت ڪرڻ ڊگري لاءِ شرط آھي. ھن چيو ته نئين آيل بيچ جي شاگردن کي مبارڪون ھجن انھن پيشور ڊگري ڏيندڙ يونيورسٽي ۾ پنھنجي زندگي جي اھم مرحلي جي شروعات ڪئي آھي. ھن چيو ته توھان گريجوئيشن مڪمل ڪندا ته ھن ئي آڊيٽوريم ۾ توھان جي والدين جي موجودگي ۾ ڊگري ملندي. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا زندگي جي وڏي ڪاميابي آھي. تقريب ۾ نئين بيچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، مھراڻ يونيورسٽي جي ڊينز، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن ۽ استادن شرڪت ڪئي.