سمورن ضلعن جي آبادگارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ زراعت کاتو ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهي: ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ حيدرآباد جي هڪ اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جنهن ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (آفيسرن) جي کوٽ سبب زرعي معاملن ۽ آبادگارن کي درپيش مسئلن بابت ڄاڻايو ويو آهي، جي وضاحت ڪندي ٻڌايو آهي ته زراعت کاتو ان معاملي کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڄاڻايل ضلعن ۾ انتظامي ۽ زرعي سرگرمين تي خصوصي توجهه …

حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ حيدرآباد جي هڪ اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جنهن ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (آفيسرن) جي کوٽ سبب زرعي معاملن ۽ آبادگارن کي درپيش مسئلن بابت ڄاڻايو ويو آهي، جي وضاحت ڪندي ٻڌايو آهي ته زراعت کاتو ان معاملي کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڄاڻايل ضلعن ۾ انتظامي ۽ زرعي سرگرمين تي خصوصي توجهه ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ آفيسرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد لاڳاپيل ضلعن ۾ خالي پيل پوسٽن تي ايڊيشنل ڊائريڪٽرز مقرر ڪيا ويندا. هن چيو آهي ته سمورن ضلعن جي آبادگارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ زراعت کاتو ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهي.