حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 283 هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ضلعي مٽياري جي شهر ڀٽ شاهه ۾ امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ پانڌيئڙن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هٿيارن جي نمائش تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج جي سفارش …
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي قلم 144 لاڳو

مزید خبریں
حيدرآباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 283 هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ضلعي مٽياري جي شهر ڀٽ شاهه ۾ امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ پانڌيئڙن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هٿيارن جي نمائش تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج جي سفارش تي 13 کان 16 صفر 1448 هجري تائين ڀٽ شاهه ۾ عرس دوران هر قسم جي هٿيارن جي نمائش تي مڪمل طور تي پابندي رهندي. ان سلسلي ۾ ڀٽ شاهه ٽائون، تعلقي هالا جي حدن ۾ لاڳاپيل ٿاڻن جي انسپيڪٽرن يا ان کان مٿي عهدي جي پوليس عملدارن کي اختيار ڏنا ويا آهن ته اهي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف تعزيرات پاڪستان جي قلم 188 جي تحت لکت ۾ شڪايت درج ڪري قانوني ڪارروائي ڪن.











