بيجنگ- 20 جولاءِ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق نئين سفيرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه سومر ڏينهن جاري ڪيل سرڪاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته شيانگ بو کي عراق ۾ چين جو نئون سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جتي هو چوئي وي جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو. يانگ …
چين جي صدر پاران مخلتف ملڪن لاءِ نئين سفيرن جُون مقرريُون

مزید خبریں
بيجنگ- 20 جولاءِ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق نئين سفيرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه سومر ڏينهن جاري ڪيل سرڪاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته شيانگ بو کي عراق ۾ چين جو نئون سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جتي هو چوئي وي جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو. يانگ يون ڊونگ کي قبرص ۾ چين جو نئون سفير مقرر ڪيو ويو، هو ليويان تا جي جاءِ تي خدمتون انجام ڏيندو ۽ زانگ شيانگ يان کي پاناما ۾ چين جو نئون سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جتي هو شوشو يوآن جي جاءِ تي فرض انجام ڏيندو.











