نئين دهلي- 20 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي رياست اترپرديش ۾ شديد برساتن سبب گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته اهو واقعو آچر جي رات ضلعي مظفر نگر جي حبيب پور ڳوٺ ۾ پيش آيو، فوتين ۾ 4 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل …
ڀارت ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا اجل جو شڪار

مزید خبریں
نئين دهلي- 20 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت جي رياست اترپرديش ۾ شديد برساتن سبب گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته اهو واقعو آچر جي رات ضلعي مظفر نگر جي حبيب پور ڳوٺ ۾ پيش آيو، فوتين ۾ 4 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اختيارين ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اتر ۽ اتر اوڀر علائقن ۾ وڌيڪ برساتن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.











