ايران جي پاسداران انقلاب جو اردن ۾ آمريڪي فوج کي بيليسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، ڪيترن ئي آمريڪي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ

تهران- 20 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب اردن ۾ آمريڪي فوج کي بيليسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻائڻ ۽ ڪيترن ئي آمريڪي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پاسداران انقلاب چيو آهي ته آپريشن نصر -2 جي 21 هين لهر تحت اردن جي عقبه ايئر پورٽ تي موجود آمريڪي فوج جي سي -17 ٽرانسپورٽ جهاز ۽ پي -8 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جهاز …

تهران- 20 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب اردن ۾ آمريڪي فوج کي بيليسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻائڻ ۽ ڪيترن ئي آمريڪي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پاسداران انقلاب چيو آهي ته آپريشن نصر -2 جي 21 هين لهر تحت اردن جي عقبه ايئر پورٽ تي موجود آمريڪي فوج جي سي -17 ٽرانسپورٽ جهاز ۽ پي -8 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جهاز کي نشانو ٻڻايو ويو آهي. پاسداران انقلان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اردن جي عوام ۽ فوج وٽان حاصل ٿيل درست معلومات جي بنياد تي الزرق جي علائقي ۾ موجود 20 بنڪرز کي نشانو ٻڻايو ويو جنهن ۾ آمريڪي فوجي موجود هيا. پاسداران انقلاب موجب ان حملي ۾ آمريڪي فوج جا ڪيترائي فوجي ۽ اهلڪار مارجي ويا آهن . ايراني ميڊيا موجب ان حملي ۾ بيلسٽڪ ميزائل استعمال ڪيا ويا هيا.