تهران- 20 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سومر ڏينهن ايران تي لڳاتار نائين ڏينهن به حملن جي دعويٰ ڪئي آهي، ايران جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪن جون رپورٽون مليون آهن، جن ۾ تبريز، سيرڪ، چابهار ۽ بوشهر شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، تبريز شهر جي اولهه واري حصي ۾ ٽي ڌماڪا ٻڌا ويا. تبريز مان خوفناڪ باهه جي منظرن جون وڊيوز به سامهون آيون آهن. …
آمريڪا پاران مسلسل نائين ڏينهن به ايران تي حملن جي دعويٰ، تبريز، چابهار، بوشهر ۽ ٻين شهرن ۾ ڌماڪن جا اطلاع

مزید خبریں
تهران- 20 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) سومر ڏينهن ايران تي لڳاتار نائين ڏينهن به حملن جي دعويٰ ڪئي آهي، ايران جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪن جون رپورٽون مليون آهن، جن ۾ تبريز، سيرڪ، چابهار ۽ بوشهر شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، تبريز شهر جي اولهه واري حصي ۾ ٽي ڌماڪا ٻڌا ويا. تبريز مان خوفناڪ باهه جي منظرن جون وڊيوز به سامهون آيون آهن. رپورٽ موجب، ايران ۾ ڪجهه غير سرڪاري ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته تبريز ۾ ميزائل اڏن کي نشانو بڻايو ويو. انهن اڏن کي ان کان اڳ ۾ ايران، اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي جي پوئين مرحلي ۾ نشانو بڻايو ويو هو. ان کانسواءِ چابهار ۽ ڪنارڪ ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا. بوشهر صوبي جي خورموج ۾ پاسداران انقلاب جي هڪ اڏي تي حملي جون رپورٽون پڻ مليون آهن. ايران جي سرڪاري ذريعن اڃا تائين حملن بابت ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا.











