آمريڪا جون تازيون پابنديون هڪ طرفيون، غير قانوني، بي بنياد ۽ الزامن تي ٻڌل آهن: سوڊان

خرطوم- 20 جولاءِ (اي پي پي) سوڊان آمريڪا طرفان لڳايل تازين پابندين کي رد ڪندي انهن کي هڪ طرفو، غير قانوني ۽ بي بنياد الزامن تي ٻڌل قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوڊان جي پرڏيهي وزارت سومر ڏينهن پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ا ئي الزامن جي ترديد ڪري چڪي آهي۽ سندن موقف آهي ته سوڊان نه ته ڪيميائي هٿيار ٺاهي ٿو ۽ نه انهن جو اتعمال …

خرطوم- 20 جولاءِ (اي پي پي) سوڊان آمريڪا طرفان لڳايل تازين پابندين کي رد ڪندي انهن کي هڪ طرفو، غير قانوني ۽ بي بنياد الزامن تي ٻڌل قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوڊان جي پرڏيهي وزارت سومر ڏينهن پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ا ئي الزامن جي ترديد ڪري چڪي آهي۽ سندن موقف آهي ته سوڊان نه ته ڪيميائي هٿيار ٺاهي ٿو ۽ نه انهن جو اتعمال ڪندو آهي.پرڏيهي وزارت آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته پابنديون لڳائڻ کان اڳ نه ڪي ثبوت پيش ڪيا ويا ۽ نه ئي ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تحٽ مقرر فني طريقيڪار ۽ ضابطن تي عمل ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پابنديون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته انهن پويان نج سياسي مقصد آهن. اهڙيون پابنديون 20 جولاءِ تي لڳايون ويون جنهن تحت آمريڪا عالمي مالياتي ادارن ذريعي سوڊان جي قرضن، مالي معاونت ۽ فني سهڪار جي مخالفت ڪندو. جڏهن ته انساني همدردي جي بنياد تي فراهم ٿيندڙ امداد ان پابندي کان آجي هوندي.واضح رهي ته آمريڪا جمعي تي سوڊان تي پابندين جو ٻيو مرحلو لاڳو ڪيو هو.