بدين- 19 جُولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ ٿيل فرينڊلي فٽبال ميچ ھزاره ڪمبائن فٽبال ڪلب حيدرآباد کٽي ورتو. آل فرينڊ فٽبال ڪلب بدين طرفان ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي ڪرايل ميچ ۾ ھزاره ڪمبائن فٽبال ڪلب حيدرآباد سخت مُقابلي کانپوءِ آل فرينڊ فٽبال ڪلب بدين کي هڪ جي مُقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ميچ کٽي ورتو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر انور علي روشن خطاب ڪندي چيو ته …
بدين ۾ فرينڊلي فٽبال ميچ ھزاره ڪمبائن فٽبال ڪلب حيدرآباد کٽي ورتو، آل فرينڊ فٽبال ڪلب بدين کي شڪست

مزید خبریں
بدين- 19 جُولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ ٿيل فرينڊلي فٽبال ميچ ھزاره ڪمبائن فٽبال ڪلب حيدرآباد کٽي ورتو. آل فرينڊ فٽبال ڪلب بدين طرفان ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي ڪرايل ميچ ۾ ھزاره ڪمبائن فٽبال ڪلب حيدرآباد سخت مُقابلي کانپوءِ آل فرينڊ فٽبال ڪلب بدين کي هڪ جي مُقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ميچ کٽي ورتو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر انور علي روشن خطاب ڪندي چيو ته رانديون نوجوانن جي جسماني، ذهني ۽ اخلاقي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ راندين جو فروغ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته رانديون نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪري کين منشيات ۽ ٻين سماجي براين کان پري رکن ٿيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير راندين جي هدايتن تحت صوبي ۾ راندين جي واڌاري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. مختلف ضلعن ۾ اسپورٽس مقابلا، ٽيلنٽ هنٽ پروگرام، گرائونڊن جي بهتري ۽ رانديگرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ته جيئن نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ملي سگهن انور علي روشن وڌيڪ چيو ته ضلعي بدين ۾ پڻ راندين جون سرگرميون تيزي سان وڌي رهيون آهن، جنهن سان نوجوانن ۾ راندين جو لاڙو وڌيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ضلعي جون اسپورٽس تنظيمون، ڪلبون ۽ رانديگر گڏيل سهڪار سان راندين جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ بدين جا رانديگر مستقبل ۾ صوبائي ۽ قومي سطح تي ضلعي جو نالو روشن ڪندا آخر ۾ مهمانن ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جي بهترين راند کي ساراهيو، کٽيندڙ ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ اهڙين صحتمند راندين جي سرگرمين کي مستقبل ۾ به جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ميچ جو خاص مهمانِ ضلعي اسپورٽس آفيسر انور علي روشن، اسسٽنٽ اسپورٽس آفيسر عبدالرزاق خاصخيلي، چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اشوڪ ڪمار، مقبول احمد زئي، محمد ڀنڀرو سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.










