ڪراچي- 18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان انڊونيشيا جي سفير ايڇ اي چندراور سينانتو سوڪويتو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ مقرر اندويشيا جو قونصل جنرل ايم ڊي زاڪر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به موجود هئا. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪ- انڊونيشيا ٻه طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي سهڪار ۽ گڏيل رابطن کي هٿي وٺائڻ …
سنڌ جي گورنر سان انڊونيشيا جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان انڊونيشيا جي سفير ايڇ اي چندراور سينانتو سوڪويتو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ مقرر اندويشيا جو قونصل جنرل ايم ڊي زاڪر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به موجود هئا. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪ- انڊونيشيا ٻه طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي سهڪار ۽ گڏيل رابطن کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻه طرفي واپاري ڪاٿي ۾ نمايان اضافي، اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ معاشي شراڪتداري کي نئون پاسو ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو. گورنر سيد محمد نهال هاشمي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستاني چانور کي انڊونيشيا سميت ٻين عالمي منڊين ۾ وڌيڪ اثرائتي انداز سان متعارف ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستاني مصنوعات خاص ڪري چانور، انب، فارماسيوٽيڪل مصنوعات، سرجيڪل اوزارن ۽ راندين جي سامان جي عالمي منڊين ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. انڊونيشيا جي سفير چيو ته پاڪستاني چانور، انب، دوائون، سرجيڪل اوزار ۽ فٽبال جو سامان انڊونيشيا ۾ بيحد مقبول آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجي پام آئل جي اٽڪل 90 سيڪڙو امپورٽ انڊونيشيا مان ڪري ٿو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، صنعتي سهڪار ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جا وڏا امڪان موجود آهن. هن پاڪستان سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي انڊونيشيا جي سفير گورنر هائوس ۾ موجود مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا.











