اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) غير قانوني افغان شهري پاڪستان سميت مختلف ملڪن لاءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي چيلينج بڻجڻ لڳا، مختلف ملڪن ۾ غير قانوني افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ٿي ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون به ڪيون ويون آهن. افغان مئگزين هشت صبح جي رپورٽ مطابق پولينڊ 71 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو جنهن ۾ اڪثر افغان شهري آهن. پولش بارڊر گارڊ مطابق لٿوانيا …
مختلف ملڪن ۾ غير قانوني افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) غير قانوني افغان شهري پاڪستان سميت مختلف ملڪن لاءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي چيلينج بڻجڻ لڳا، مختلف ملڪن ۾ غير قانوني افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ٿي ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون به ڪيون ويون آهن. افغان مئگزين هشت صبح جي رپورٽ مطابق پولينڊ 71 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو جنهن ۾ اڪثر افغان شهري آهن. پولش بارڊر گارڊ مطابق لٿوانيا ۽ بيلاروس سان لاڳاپيل علائقن ۾ غير قانوني رهائشين خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون. رپورٽ مطابق پولش عملدارن مطابق قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ماڻهن کي لٿوانيا جي حوالي ڪيو ويو. افغان انٽرنيشنل مطابق ٻئي پاسي ترڪيه پوليس بولو شهر ۾ غير قانوني طور رهندڙ 20 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو، ترڪيه اميگريشين ايجنسي مطابق هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن ۾ مجموعي طور تي 19574 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو. گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري مطابق افغانستان ۾ جاري بحران، غربت ۽ انساني حقن جون پابنديون لکين شهرين جي پرڏيهه وڃڻ جو سبب آهن. افغان شهرين جي تازين گرفتارين مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا انهن جي غير قانوني موجودگي کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.











