لاڙڪاڻو- 18 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻواحمد چوڌري جي سربراھي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. تفصيل مطابق 14 انعام يافته جوابدارن هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿي ويا. سرينڊر ڪندڙ انعام يافته جوابدارن ۾ 20 لک انعام يافته گلاب جيھو، 5 لک انعام يافته گھرام جيھو سميت ٻين سرينڊر ڪندڙن ۾ مجاھد جيھو، علي گل جيھو، پريل جيھو، اسماعيل جيھو، سجاد …
لاڙڪاڻو پوليس جي وڏي ڪاميابي، جيها گينگ سان تعلق رکندڙ 14 انعام يافته جوابدارن ہٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 18 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻواحمد چوڌري جي سربراھي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. تفصيل مطابق 14 انعام يافته جوابدارن هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿي ويا. سرينڊر ڪندڙ انعام يافته جوابدارن ۾ 20 لک انعام يافته گلاب جيھو، 5 لک انعام يافته گھرام جيھو سميت ٻين سرينڊر ڪندڙن ۾ مجاھد جيھو، علي گل جيھو، پريل جيھو، اسماعيل جيھو، سجاد جيھو، امتياز جيھو، دلشاد جيھو، اسلم جيھو، گلاب جيھو، سجاد جيھو، بشير جيھو ۽ ياسين جيھو شامل آھن. سرينڊر ڪندڙن جو تعلق جيھا گينگ سان آهي، جيڪي گذريل 15 سالن کان جاري جيها ڏاهاڻي تڪرار جا مرڪزي ڪردار رهيا آهن. ان تڪرار دوران 25 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. لاڙڪاڻو پوليس جي مسلسل آپريشنز جي نتيجي ۾ ايس ايس پي احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ اها اهم ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. پوليس موجب هن سرينڊر سان لاڙڪاڻو ضلعي خاص طور نئون ديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن.











