ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي چونڊ ۾ مداخلت جا دستاويز نشر ڪري ڇڏيا

واشنگٽن- 18 جولاءِ (اي پي پي) وائيٽ هائوس انهن دستاويزن جو هڪ بنڊل نشر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جن جو تعلق ان معاملي سان آهي جنهن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊن جي شفافيت قرار ڏنو هو. هن آمريڪين کي وائيٽ هائوس جي سرڪاري ويب سائيٽ ذريعي ان جو جائزو وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس طرفان فراهم ڪيل ڄاڻ مطابق انهن دستاويزن ۾ انٽيلجنس …

واشنگٽن- 18 جولاءِ (اي پي پي) وائيٽ هائوس انهن دستاويزن جو هڪ بنڊل نشر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جن جو تعلق ان معاملي سان آهي جنهن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊن جي شفافيت قرار ڏنو هو. هن آمريڪين کي وائيٽ هائوس جي سرڪاري ويب سائيٽ ذريعي ان جو جائزو وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس طرفان فراهم ڪيل ڄاڻ مطابق انهن دستاويزن ۾ انٽيلجنس رپورٽون، جاچ رڪارڊ ۽ سيڪيورٽي دستاويز شامل آهن، جن ۾ ووٽنگ سسٽم جي سيڪيورٽي، ووٽرز جي ڊيٽا جي هيڪنگ، مشي گن رياست ۾ ووٽرز جي رجسٽريشن جي جاچ سان گڏوگڏ ووٽر لسٽن ۾ غير شهرين جي موجودگي بابت جائزو شامل ڪرڻ آهي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي انٽيليجنس ڪميونٽي طرفان جاري ڪيل جائزن، جن ۾ ڪجهه جو تعلق 2020ع ۽ 2026ع وچ جي عرصي سان آهي، اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته آمريڪي چونڊ بنيادي ڍانچي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو نظام، سائبر حملن جي زد ۾ آهن. اهي دستاويز ان ڳالهه طرف به اشارو آهن ته ووٽر رجسٽريشن جي ڊيٽا بيس، پولنگ جي رڪارڊ ۽ چونڊ جون سرڪاري ويب سائيٽس روس، چين، ايران ۽ اتر ڪوريا جهڙن ملڪن سان گڏوگڏ غير سرڪاري گروپن طرفان سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻائيل هنڌ آهن. دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي انٽيليجنس وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي حڪومت طرفان پنهنجي ملڪ ۾ چونڊ نتيجن ۾ ڊجيٽل ڦيرڦار جي صلاحيتن بابت ڄاڻ جو مشاهدو ڪيو آهي ۽ سندن مڃڻ آهي ته اها ڳالهه آمريڪي نظام کي ڪنهن به اهڙي ئي هيڪنگ جي واقعي کان بچائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.

مزید خبریں