ميڪسيڪو جي ڏکڻ سمنڊ ويجهو 7.4 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ميڪسيڪو سٽي- 18 جولاءِ (اي پي پي) ميڪسيڪو جي ڏکڻ رياست چياپاس جي سمنڊ ڪناري ويجهو 7.4 شدت جو طاقتور زلزلو آيو، جنهن جا لوڏا ڏکڻ اوڀر ميڪسيڪو سميت وچ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ به محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميڪسيڪو جي قومي زلزلي جي ماپ ڪندڙ سروس ٻڌايو ته زلزلو گرين وچ معياري وقت مطابق 14:48 تي آيو. ان جو مرڪز چياپاس جي سمنڊ ڪناري ويجهو …

ميڪسيڪو سٽي- 18 جولاءِ (اي پي پي) ميڪسيڪو جي ڏکڻ رياست چياپاس جي سمنڊ ڪناري ويجهو 7.4 شدت جو طاقتور زلزلو آيو، جنهن جا لوڏا ڏکڻ اوڀر ميڪسيڪو سميت وچ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ به محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميڪسيڪو جي قومي زلزلي جي ماپ ڪندڙ سروس ٻڌايو ته زلزلو گرين وچ معياري وقت مطابق 14:48 تي آيو. ان جو مرڪز چياپاس جي سمنڊ ڪناري ويجهو ۽ اونهائي اٽڪل 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. شروعاتي اطلاعن مطابق زلزلي سبب ڪنهن جاني نقصان يا وڏي پيماني تي مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو. عملدارن شهرين کي پُرسڪون رهڻ، سرڪاري هدايتن تي عمل ڪرڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ذريعن کان ڄاڻ حاصل جي اپيل ڪئي آهي. زلزلي کانپوءِ 5.2 ۽ 6.5 شدت تائين جا ڪيترائي آفٽر شاڪس به رڪارڊ ڪيا ويا.

مزید خبریں