برلن- 18 جولاءِ (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرش مرز ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان جرمني جي رياست نارٿ رائن ويسٽ فيليا ۾ ٻن ٻه طرفين ڳالهين جي پڄاڻي تي ڪيو ويو. جرمن چانسلر فريڊرش مرز چيو ته جرمني ۽ فرانس ائٽمي دفاعي حڪمت عملي جي حوالي سان گڏيل …
جرمني ۽ فرانس پاران دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
برلن- 18 جولاءِ (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرش مرز ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان جرمني جي رياست نارٿ رائن ويسٽ فيليا ۾ ٻن ٻه طرفين ڳالهين جي پڄاڻي تي ڪيو ويو. جرمن چانسلر فريڊرش مرز چيو ته جرمني ۽ فرانس ائٽمي دفاعي حڪمت عملي جي حوالي سان گڏيل تعاون جي جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته جرمني هلندڙ سال پهريون ڀيرو فرانسيسي هٿياربند فوج طرفان منعقد ٿيندڙ ائٽمي مشق ۾ روايتي فوجي جٿا شريڪ ڪندو. مرز مطابق اهو تعاون نيٽو جي ائٽمي ڀائيواري جي نظام ۾ جرمني جي موجوده ذميوارين کي مڪمل ڪرڻ آهي. هن اهو به ٻڌايو ته يوڪرين جي حمايت ڪندڙ ملڪن جي اتحاد ”ڪوليشن آف دي ولنگ“ جون فوجي مشقون ايندڙ خزان جي موسم ۾ فرانس جي ميزباني ۾ منعقد ٿينديون، جن ۾ جرمني به شرڪت ڪندو. ٻئي ملڪ گڏيل طور تي جرمني جي شرڪت جي نوعيت جو تعين ڪندا. ان موقعي تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته جرمني ۽ فرانس جي گڏيل تعاون کانسواءِ يورپ ترقي جي راهه تي اڳتي نه وڌي سگهندو. هن واضح ڪيو ته فرانس پنهنجي ائٽمي دفاعي صلاحيت جا سمورا خرچ بدستور پاڻ برداشت ڪندو ۽ ان پروگرام جي مالي ذميواري مڪمل طور تي فرانس وٽ ئي رهندي.











