رياض- 18 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ سال سعودي عرب ۾ 75 سال کانپوءِ مڪمل سج گرهڻ ڏٺو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي خلائي ايجنسي چيو آهي ته سج گرهڻ جا منظر سعودي عرب جي اولهه ۽ ڏکڻ حصن جي وچ علائقن مان گذرندا جنهن سان سعودي عرب کي ان منظر جي نگراني ۽ دستاويزي رڪارڊنگ لاءِ عالمي فلڪياتي مشاهدي جي نقشي تي هڪ منفرد خصوصيت ۽ اسٽريٽجڪ مقام حاصل …
ايندڙ سال سعودي عرب ۾ 75 سال کانپوءِ مڪمل سج گرهڻ ڏٺو ويندو

مزید خبریں
رياض- 18 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ سال سعودي عرب ۾ 75 سال کانپوءِ مڪمل سج گرهڻ ڏٺو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي خلائي ايجنسي چيو آهي ته سج گرهڻ جا منظر سعودي عرب جي اولهه ۽ ڏکڻ حصن جي وچ علائقن مان گذرندا جنهن سان سعودي عرب کي ان منظر جي نگراني ۽ دستاويزي رڪارڊنگ لاءِ عالمي فلڪياتي مشاهدي جي نقشي تي هڪ منفرد خصوصيت ۽ اسٽريٽجڪ مقام حاصل هوندو. امڪان آهي ته مڪمل گرهڻ جو وڌيڪ وقت پاڙيسري ملڪ مصر جي سرزمين تي رڪارڊ ڪيو ويندو. سعودي خلائي ايجنسي وضاحت ڪئي آهي ته مملڪت جي اولهه ۽ ڏکڻ علائقن جا رهائشي ۽ زائرين مڪمل سج گرهڻ ڏسي سگهندا، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڏکڻ شهرن ۾ سج جي روشني مڪمل ظاهر نه ٿيڻ ۽ مڪمل اونداهي هجڻ جو وقت اٽڪل 6 منٽ تائين پهچي ويندو. جده گورنري ۽ اولهه سامونڊي ڪنارن جي علائقن ۾ اهو وقت اٽڪل 5 منٽ ۽ 50 سيڪنڊ رڪارڊ ڪيو ويندو. ان کي نظر ۾ رکندي سعودي پريس ايجنسي جي شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جا باقي وچ، اوڀر ۽ اتر علائقا ان واقعي کان ڌار نه رهندا ڇاڪاڻ ته اتي به سج کي مختلف تناسب سان جزوي گرهڻ لڳندو. سعودي خلائي ايجنسي سج گرهڻ جو مشاهدو ڪرڻ دوران امن ۽ سلامتي جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. ايجنسي چيو آهي ته سڀني جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ محفوظ مشاهدي جي تجربي جي ضمانت لاءِ مخصوص فلٽرز سان ليس عينڪن ۽ دور بينن جي استعمال کان سواءِ سج کي سڌي ريت ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي.











