وينزويلا ۾ زلزلن سبب فوتگين جو انگ وڌي 5069 ٿي ويو

ڪراڪس- 18 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ۾ 24 جون تي آيل طاقتوي زلزلن جي نتيجي ۾ فوتگين جو انگ وڌي 5069 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز ٽيليگرام تي جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ته زخمين جو انگ 16740 برقرار آهي، جڏهن ته امدادي ڪارروائين دوران 6462 ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. رپورٽ مطابق 21235 متاثر گادي واري هنڌ ڪراڪس ۽ وچ …

ڪراڪس- 18 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ۾ 24 جون تي آيل طاقتوي زلزلن جي نتيجي ۾ فوتگين جو انگ وڌي 5069 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز ٽيليگرام تي جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ته زخمين جو انگ 16740 برقرار آهي، جڏهن ته امدادي ڪارروائين دوران 6462 ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. رپورٽ مطابق 21235 متاثر گادي واري هنڌ ڪراڪس ۽ وچ رياستن لاگوائرا، ميرانڊا ۽ اراگوا ۾ قائم 107 عارضي امدادي ڪيمپن ۾ رهائش پذير آهن. عملدارن مطابق 7.2 ۽ 7.5 شدت جي ٻن زلزلن کانپوءِ گذريل ٽن هفتن دوران هاني تائين 1331 آفٽر شاڪس به رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں