بدين ۾ وڌندڙ بدامني، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ منشيات خلاف مختلف برادرين جي سوين ماڻهن جو سخت احتجاج، احتجاجي ريلي، سخت نعري بازي

بدين - 17 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ وڌندڙ بدامني، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ منشيات خلاف مختلف سوين ماڻهن سخت احتجاج ڪندي الله والا چوڪ کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍندي بدامني خلاف سخت نعري بازي ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بدين ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. شهر ۽ مختلف روڊن رستن تي چورين، ڦرن ۽ …

بدين – 17 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ وڌندڙ بدامني، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ منشيات خلاف مختلف سوين ماڻهن سخت احتجاج ڪندي الله والا چوڪ کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍندي بدامني خلاف سخت نعري بازي ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بدين ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. شهر ۽ مختلف روڊن رستن تي چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن، جڏهن ته پُوليس بار بار شڪايتن جي باوجود ڪو به اثرائتو تدارڪ ناهي ڪيو، جنهن سبب شهري سخت خوف ۽ بيچيني واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ پُوري ضلعي ۾ چرس، آئيس، هيروئن، شراب، سفينا، گٽڪي ۽ ٻين منشيات جو وڪرو سري عام جاري آهي، جنهن ڪيترن ئي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته بدين ۾ امن امان فوري طور بحال ڪيو وڃي، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث جوابدارن خلاف بنا فرق جي هڪ وڏو ۽ بي رحم آپريشن ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، پوليس کي سياسي دٻاءَ کان آزاد ڪري قانون موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو، احتجاجي ريلي ۾ سومرن، چانڊين، ملاحن، ميمڻن ۽ ٻين برادرين جي سوين ماڻهن سميت بدين بار ايسوسيئيشن جي صدر احسان ڀرڳڙي، پاڻي ٽيل آبادگار تنظيم جي اڳواڻ عزيز ڏيرو، لال شيخ، منان سومرو، جبل سومرو، عمران سومرو، شاهنواز سيال، طارق خليفو، ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي، امير بخش سومرو، عبدالڪريم سومرو، غلام نبي سومرو، سجاد سومرو سميت ٻين سياسي، سماجي ۽ وڪيل برادري جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.