ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ مون سون جي تيارين بابت اهم اجلاس

ڪراچي -17 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ مون سون جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل سڀني ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي پلان جو جائزو ورتو ويو.ڪمشنر هدايت ڪئي ته ڪي ايم سي جا 45 ۽ ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشنز جا 550 ننڍا برساتي نالا جلد کان جلد صاف ڪيا وڃن، جڏهن …

ڪراچي -17 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ مون سون جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل سڀني ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي پلان جو جائزو ورتو ويو.ڪمشنر هدايت ڪئي ته ڪي ايم سي جا 45 ۽ ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشنز جا 550 ننڍا برساتي نالا جلد کان جلد صاف ڪيا وڃن، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر صفائي واري عمل جي نگراني ڪري رڪاوٽون فوري طور ختم ڪرائين. هن چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊي واٽرنگ پمپ، مشينري ۽ عملو اڳواٽ مقرر ڪيو وڃي ۽ هيٺاهين وارن علائقن، انڊر پاسن ۽ حساس شاهراهن تي خاص انتظام يقيني بڻايا وڃن.سندس چوڻ هو ته نالن ۾ ڪچرو اڇلائيندڙن خلاف گڏيل ڪارروائي ڪئي وڃي، برساتن دوران ڪرنٽ لڳڻ وارن حادثن جي روڪٿام لاءِ ڪي اليڪٽرڪ موثر قدم کڻي، جڏهن ته ڪمشنر آفيس جي ڪنٽرول روم ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو هيلپ ڊيسڪ پڻ قائم ڪيو ويندو. هن سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي پنهنجن ضلعن ۾ مون سون تيارين بابت جائزه اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ برساتن کان اڳ سڀني نالن جي صفائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں