ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي)ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي ڀرسان فيروزآباد پوليس ڪامياب مقابلي دوران 4 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ان ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي ايسٽ ۽ سڄي پوليس ٽيم کي شاباس پيش ڪئي.گهرو وزير چيو ته فيروزآباد پوليس بروقت ۽ پيشيوراڻي حڪمت عملي سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو . هن چيو ته ڏوهاري …
ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي ڀرسان فيروزآباد پوليس پاران ڪامياب مقابلو، 4 افغان شهري گرفتار

مزید خبریں
ڪراچي-17 جولاءِ (اي پي پي)ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي ڀرسان فيروزآباد پوليس ڪامياب مقابلي دوران 4 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ان ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي ايسٽ ۽ سڄي پوليس ٽيم کي شاباس پيش ڪئي.گهرو وزير چيو ته فيروزآباد پوليس بروقت ۽ پيشيوراڻي حڪمت عملي سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو . هن چيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون جاري رهنديون، جڏهن ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي ايسٽ سميت ڪارروائي ۾ شامل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري، فرض شناسي ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا اهلڪار سڄي پوليس فورس جو فخر آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي ڏوهن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڏوهارين خلاف اثرائتيون ۽ فيصلائتيون ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.











