لاڙڪاڻو - 17 جولاءِ(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ڪارروائي ڪندي انعام يافته ڌاڙيل راشد عرف راشو چانڊيو کي گرفتار ڪندي هٿيار هٿ ڪري ورتا، مٿس پنج لک روپين جو انعام رکيل آهي، ڊي ايس پي باقراڻي فهد ارشاد مغل، ايس ايڇ او بقا پور اصغر علي بوزدار ۽ سندن ٽيم انڙ چوڪي، مهر پل ۽ بقاپور لاڙو واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران خوف جي علامت بڻيل خطرناڪ ڌاڙيل راشد …
لاڙڪاڻو پوليس پاران ڪامياب ڪارروائي، انعام يافته ڌاڙيل راشد عرف راشو چانڊيو گرفتار
لاڙڪاڻو – 17 جولاءِ(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ڪارروائي ڪندي انعام يافته ڌاڙيل راشد عرف راشو چانڊيو کي گرفتار ڪندي هٿيار هٿ ڪري ورتا، مٿس پنج لک روپين جو انعام رکيل آهي، ڊي ايس پي باقراڻي فهد ارشاد مغل، ايس ايڇ او بقا پور اصغر علي بوزدار ۽ سندن ٽيم انڙ چوڪي، مهر پل ۽ بقاپور لاڙو واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران خوف جي علامت بڻيل خطرناڪ ڌاڙيل راشد عرف راشو چانڊيو کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو، ڄاڻايل ڌاڙيل قتل، ڌاڙن، چورين ۽ ٻين سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن سميت لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ تازو ٿيل سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڏوهن ۾ به ملوث آهي، مٿس سرڪار پاران 5 لک روپين جو انعام رکيل هو.












